منگهوپير ۾ ڪارروائي، گئس پائپ لائن اڏائڻ جي الزام هيٺ ۲ ڏوهاري سوگها


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۵٦   ڪراچي   پرنٽ ڪيو
فاٸيل فوٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سي ٽي ڊي گڏيل ڪارروائي ڪندي گيس پائپ لائن اڏائڻ جي الزام ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ذريعن موجب ٻن جوابدارن جو تعلق ڪالعدم بلوچ لبريشن آرمي سان آهي، گرفتار جوابدارن ۾ اياز بروهي ۽ محمد خان شامل آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار سوئي واري هنڌ گيس پائپ لائن اڏائڻ جي واردات ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن تي حملي ۾ به ملوث آهن، جوابدار جو نيٽ ورڪ لياري ۾ قائم آهي، جوابدارن جي قبضي مان آءِ اي ڊي ڊيوائس ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي جاچ لاءِ اڻ ڄاڻايل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.