ڄامشورو ۾ پ پ جيالي جو يوسي سون ولهار جي چيئرمين خلاف ٻارهين ڏينهن به احتجاج


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۱۴۳   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو
ڄامشورو جو پ پ پ جيالو يوسي سون ولھار جي چيٸرمين خلاف احتجاج ڪندي (تصوير: حيات ميراڻي)

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: پ پ جيالي پاران يوسي سون ولهار سنڌ يونيورسٽي جي چيئرمين خلاف ٻارهين ڏينهن به احتجاج جاري، پ پ پ جي مرڪزي قيادت توڙي ڄامشورو جي ضلعي جي اڳواڻن نوٽيس نه ورتو. تفصيل موجب ڄامشورو ۾ پ پ پ جي جهنڊي جي سڃاڻپ رکندڙ جيالي عبدالمجيد عرف مجاهد ڀنئور يونين ڪائونسل سون ولهار سنڌ يونيورسٽي جي چيئرمين لالا اياز پٺاڻ، ڪائونسلرن عبدالوهاب بروهي، خورشيد بيگم ميمڻ ۽ پ پ اڳواڻن نياز قريشي، چاند مسيح ۽ ٻين پاران ڪيل مبينا ڪرپشن خلاف ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ٻارهين ڏينهن به جاري رکي، هن چيو ته يو سي چيئرمين لالا اياز پٺاڻ، ڪائونسلرن ۽ پ پ جي مقامي اڳواڻن نياز قريشي، چاند مسيح ۽ ٻين نالي ماتر ترقياتي ڪم ڪرائي، مرمتي ڪمن ۾ لکين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، هن چيو ته گذريل ۱۲ ڏينهن کان احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال تي ويٺل آهيان پر پ پ پ جي مرڪزي قيادت توڙي ضلعي ڄامشورو جي اڳواڻن طرفان ڪوبه نوٽيس نه پيو ورتو وڃي، آئون مرڪزي قيادت سميت پ پ پ جي مقامي اڳواڻن کي دانهن ڏني آهي پر منهنجي دانهن ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. هن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ صوبائي صدر نثار احمد کهڙو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، فريال ٽالپر ۽ ملڪ اسد سڪندر کان مطالبو ڪيو آهي ته يونين ڪائونسل سون ولهارسنڌيونيورسٽي ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي اهڙي ڪرپٽ يوسي چيئرمين ۽ پ پ پ اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.