سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ۲۲ مئي تي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ واري ڪئمپ لڳندي، ملازم لائسنس ٺهرائي سگهن ٿا: ترجمان


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۱۷۱   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪندڙ ٽيم سومر ۲۲ مئي تي ڪئمپ لڳائيندي، جنهن دؤران يونيورسٽي عملي جا لائسنس چيڪ ڪيا ويندا ۽ مدي خارج لائسنس هولڊرن کي نوان لائسنس جاري ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ترجمان نادر علي مغيري پاران جاري بيان موجب جن به آفيسرن، استادن ۽ ملازمن خاص طور تي ڊرائيورن وٽ لائسنس نه آهن، اهي سينٽرل لائبرريءَ جي پوئين پاسي واقع فيسيليٽيشن سيل پهچي پنهنجا لائسنس ٺهرائي سگهن ٿا ۽ جن به ملازمن وٽ جعلي ڊرائيونگ لائسنس آهن، انهن کي نوان لائسنس جاري ڪيا ويندا. ترجمان موجب وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ملازمن کي سهولت ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ مان ڊرائيونگ لائسنس جو عملو گهرايو آهي ته جيئن يونيورسٽيءَ جي ملازمن جا ڊرائيونگ لائسنس چيڪ ڪرائي سگهجن ۽ کين نوان لائسنس جاري ڪري ڏياري سگهجن.