قومي اسيمبلي جو بجيٽ سيشن ۲۴ مئي تي گهرائڻ جو امڪان


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۵۲   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو بجيٽ سيشن اربع ڏينهن ۲۴ مئي تي گهرائڻ جو امڪان آهي. ۱۸ _۲۰۱۷ع جي وفاقي بجيٽ جمعي تي پيش ڪئي ويندي. پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب ۲۴ مئي اربع ڏينهن بجيٽ سيشن گهرائڻ لاءِ پارلياماني معاملن واري وزارت طرفان سمري تيار ڪئي وئي آهي جنهن کي وزيراعظم ڏانهن موڪليو ويندو. ۱۸ _ ۲۰۱۷ع جي وفاقي بجيٽ جمعي ڏينهن ۲٦ مئي تي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.