شريف ڀائرن غريبن کان رزق کسي پنهنجي ٻارن کي کارايو آهي: حليم عادل شيخ


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۸۷   ڪراچي   پرنٽ ڪيو
حليم عادل شيخ

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته شريف ڀائرن غريبن کان رزق کسي پنهنجي ٻارن کي کارايو آهي، روزاني مهانگائي کي ڏسي ڪري ايئن ٿو لڳي ته وزيراعظم مزدورن جو ماني ڳڀو به مهانگو ڪري ڇڏيو، هو رڳو ان سوچ ۾ آهي ته پنهنجي ذاتي خزانن کي وڌيڪ ۽ ڪيترو ڀريو وڃي، هن کان وڌي ڪري ڪارڪردگي ٻي ڪهڙي ٿيندي جو پنهنجي ٻارن کي پرڏيهه ڪاروبار ۽ ملڪ جا ٻار پنڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن، هن وقت بادشاهه سلامت کي پنهنجي دولت جو اندازو ئي نه آهي ۽ عوام ۱۸۰ کرب جي قرض ۾ ٻڏل آهي، عادل هائوس کان جاري ٿيل بيان ۾ هن جو چوڻ هو ته هن ملڪ جو ۲۰ ڪروڙ عوام هاڻوڪي نظام حڪومت کان ايتري قدر بيزار ٿي چڪو آهي جو ان نا اهل حڪمرانن کي ڪجهه لمحن لاءِ برداشت ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي، جنهن ملڪ ۾ چونڊن ۾ شفافيت نه هجي اتي ڪهڙي طرح سان ايماندار ليڊر سامهون اچي سگهن ٿا، هن وقت سمورو ملڪ مشڪل گهڙي ۾ آهي هڪ بلب ۽ هڪ پنکي جو بل ايتري قدر اچي ٿو جو جو غريب ماڻهو مٿو ٽيڪي سوچڻ تي مجبور آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪروڙين ٻار ان ڪري اسڪول نه ويندا آهن جو هنن وٽ ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ پيسا نه هوندا آهن جو اهي اسڪولن جون فيسون ڪٿان کان ادا ڪري سگهن.