سنڌ جي وسيلن تي مالڪي تائين جنگ جاري رهندي، آخري پساهن تائين وڙھندا رهنداسين: ڊاڪٽر عبدالقادر مگسي


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ٦۰   سجاول   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   نديم ميمڻ  : سجاول: سنڌ جي وسيلن تي مالڪي تائين جنگ جاري رهندي، سنڌ ڌرتي ماءُ جي حيثيت رکي ٿي ۽ سنڌ جي عوام جي لاءِ آخري پساهن تائين وڙھندا رهنداسين. اھڙن خيالن جو اظھار ڊاڪٽر عبدالقادر مگسي سجاول ۾ ھڪ پرهجوم ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ايس ٽي پي هائوس سجاول ۾ منعقد ٿيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گوادر ۾ سنڌي مزدورن جو قتل لساني جهيڙن کي ھٿي ڏيڻ جي گهري سازش آهي، ڪجھ شرپسند ۽ دھشتگرد عناصر ملڪ ۾ افراتفري ۽ انتشار ڦھلائڻ چاهين ٿا، جن کي هرگز ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، هن چيو ملڪ جي سمورين سياسي طاقتن جو گڏ ٿيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن سان ملڪي مسئلن مان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي، هن سانحه گوادر جي عدالتي تحقيقات جو مطالبو ڪندي چيو ته گوادر جي واقعي خلاف اڄ سموري سنڌ جي ضلعي ھيڊ ڪوارٽرز ۾ بک هڙتالي ڪئمپون لڳايون وينديون. ان موقعي تي انهي سان عبدالفتاح سميجو، هوت خان گاڏھي، ڊاڪٽر احمد نوناري، علي حيدر پنهور، جلال شاھ، عبدالغني ملاح، عبدالواحد خاصخيلي، سهيل ابڙو ۽ ٻيا گڏ هئا.