ڪلڀوشن جي معاملي تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي: يوسف رضا گيلاني


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۳۵   ملتان   پرنٽ ڪيو
يوسف رضا گيلاني

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ملتان: اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ۲۰۰۸ع ۾ وزيراعظم طور چيو هو ته ڀارت بلوچستان ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته ڪلڀوشن جي معاملي تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهربو هو، هاڻي به پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي سگهجي ٿو، هن چيو ته ڪلڀوشن بابت عالمي عدالت جو حتمي فيصلو ناهي آيو، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ريمنڊ ڊيوس معاملي تي اسان پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو، هن چيو ته بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي، ۲۰۱۸ع جون چونڊون اهم آهن، هن چيو ته بجيٽ عوام دوست هجڻ گهرجي، جنهن سان عوام کي فائدو ٿئي.