جيڪب آباد ۾ برسات جي وسڪاري انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي، شهر جا روڊ رستا تلاءُ بڻجي ويا


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۳۴   جيڪب آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   محمد موسيٰ چانڊيو  : جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ برسات جي هڪ ڪلاڪ جو وسڪارو ميونسپل انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، برسات سبب شهر جا روڊ رستا برساتي پاڻي سان ڀرجي ويا ۽ تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا جڏهن ته مختلف هنڌن تي گندي پاڻي واري نالن جا گٽر کليل هئڻ سبب ڪارون ۽ موٽرسائيڪلون گٽرن ۾ ڪري پيون جنهن سبب ڪيترائي شهري زخمي پڻ ٿي پيا، جڏهن ته برسات بعد ميونسپل جو عملو غائب رهيو. وڏي عرصي بعد جيڪب آباد ۾ پيل تيز برسات سبب ڪيترن ئي ڏينهن هلندڙ سخت گرمي جو زور ٽٽي پيو ۽ موسم خوشگوار ٿي ويو، ٻئي پاسي برسات بعد بجلي سميت مواصلاتي نظام درم برهم ٿي ويو ۽ سڄي رات شهر جي بجلي بند رهي جنهن سبب شهرين کي سخت ڏکائين جو منهن ڏيڻو پيو.