سوات ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ۹ ڄڻا سڙي زخمي


 سومر ۰۹ جنوري ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۷۱   سوات   پرنٽ ڪيو
فائيل فوٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : سوات جي تعلقي مٽه جي علائقي آرڪوٽ ۾ گهر جي اندر گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب هڪ ئي خاندان جا ۹ ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا، پوليس موجب واقعو تعلقي مٽه جي علائقي آرڪوٽ ۾ هڪ گهر ۾ پيش آيو، جتي صبح جي نيرن وقت اوچتو گئس سلينڊر ڦاٽي پيو، جنهن سان ڪمري ۾ موجود ۹ ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ ۳ عورتون ۽ ۲ ٻار به شامل آهن، جنهن مان ۲ عورتن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.