پشاور ۾ دهشتگردي جي رٿا ناڪام، ريڙهي ۾ لڳل بم کي ناڪارا بڻايو ويو


 سومر ۰۹ جنوري ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۷۰   پشاور   پرنٽ ڪيو
پشاور جي مارڪيٽ ۾ بم جي اطلاع تي اسڪواڊ عملو جاچ ڪندي (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پشاور جي ڪارخانون مارڪيٽ ۾ سومر تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي يونٽ بم کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو. ايس ايس پي آپريشنز سجاد خان موجب پوليس اطلاع ملندي ئي ڪارخانون مارڪيٽ ۾ اڻڄاتل تخريبڪارن طرفان هڪ ريڙهي ۾ نصب ڪيل بم کي ناڪارا بڻايو. ايس ايس پي آپريشنز مطابق بم ۱۰ کان ۱۵ ڪلوگرما وزني ۽ ريموٽ ڪنٽرول هو. بم ناڪارا بڻائڻ سان دهشتگردي جي رٿا کي ناڪام بڻايو ويو آهي.