گڏاڻي: جهاز ۾ باهه لڳڻ ڪري سڙي فوت ٿيل ۵ پورهيتن جا مڙهه پشاور منتقل


 اڱارو ۱۰ جنوري ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ٦٦   لسبيلا   پرنٽ ڪيو
گڏاڻي لڳ جھاز کي لڳل باھ جو منظر (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : گڏاڻي شپ بريڪنگ يارڊ ۾ ناڪارا جهاز ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي ويل ۵ پورهيتن جا لاش ڪراچي کان قومي ايئر لائين جي اڏام ذريعي پشاور روانو ڪيا ويا آهن. ساٿي مزدور ۽ ڪٽنب جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ ڪمپني ڪا مالي مدد ناهي ڪئي. گڊاڻي شپ بريڪنگ يارڊ ۾ مري ويل ماڻهن جا مڙهه رات جو ڪراچي ايڌي سردخاني منتقل ڪيا ويا هئا. لاش جي سڃاڻپ الف خان، سعيد خان، صابر، محمد سعيد ۽ نعمت جي نالن سان ٿي آهي. لاشن سان گڏ ڪراچي ايندڙ مزدورن ٻڌايو آهي ته هو پنهنجي مدد تحت لاشن کي اباڻي علائقن ڏانهن روانو ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي لاش پشاور پهچڻ تي سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو.