ڪرڪيٽر وسيم اختر جا گرفتاري وارنٽ جاري، ۱۷ جنوري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم


 اڱارو ۱۰ جنوري ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۳۹   ڪراچي   پرنٽ ڪيو
اڳوڻو پاڪستاني ڪپتان وسيم اڪرم (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : مقامي عدالت سوئنگ جي بادشاهه اڳوڻي ڪرڪيٽ جي ڪپتان وسيم اڪرم جا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪندي ۱۷ جنوري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وسيم اڪرم تي حملي خلاف بهادر آباد ٿاڻي ۾ رٽائرڊ ميجر عامر ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ته ان مون تي حملو ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ مون کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن. عدالت ۾ ۳۱ ٻڌڻي ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته عدالت ۾ شاهدي لاءِ وسيم اڪرم پيش نه ٿي رهيو آهي، ان ڪري عدالت ۱۷ جنوري جا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري پيش ٿيڻ جي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.