گڏاڻي واقعي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني ويندي: ثناءُ الله خان زهري


 اڱارو ۱۰ جنوري ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۸۷   ڪوٸيٽا   پرنٽ ڪيو
بلوچستان جو وڏو وزير نواب ثناءُ الله خان زهري (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله خان زهري چيو آهي ته گڏاڻي سانحو انتهائي ڀيانڪ ۽ سنگين آهي، جنهن جو فوري طور تي نوٽيس وٺندي حڪم ٿو ڏيان ته واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، اسان ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏينداسين ته هو ماڻهن جي زندگين سان کيڏين. واقعي ۾ مري ويل غريب مزدور پاڪستاني آهن، واقعي جي فوري بعد اتي قلم ۱۴۴ لاڳو ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ۾ ٿيل واقعن بعد اتي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو هو پر ڪجهه ماڻهو عدالت کان اسٽي آرڊر وٺي آيا هئا. ايوان کي يقين ڏياريندي هن ڄاڻايل واقعي جي ذميدارن خلاف سخت ڪارروائي جي خاطري ڪرائي جنهن جهاز ۾ اهو واقعو پيش آيو ان جي مالڪ کي ئي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ناڪارا جهاز ڀڃڻ لاءِ آندا ويندا آهن ته مختلف کاتن طرفان کين اين او سي ڪليئرنس ڏني ويندي آهي پر خبر پئي آهي ته ڪجهه کاتن جي ملي ڀڳت سبب ٽينڪرن جي مڪمل صفائي نه ٿي ٿئي شايد مختلف کاتن جي ملي ڀڳت ڪري ٽينڪرن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل پڻ آندو وڃي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن.