ماريا شراپووا جي ٽينس ۾ واپسي، ۲٦ اپريل تي پهريون ميچ کيڏندي


 اربع ۱۱ جنوري ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۵۳   ماسڪو   پرنٽ ڪيو
ٽينس رانديگرياڻي ماريا شراپووا (فائيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : روسي ٽينس اسٽار ماريا شراپووا اپريل ۾ ڊوپنگ پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ اسٽٽ گارٽ ويمنز ٽينس ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندي. ماريا شراپووا گذريل سال جنوري ۾ آسٽريلين اوپن ۾ آخري ڀيرو حصو ورتو هو، پر ان کانپوءِ ڊوپنگ جي خبر پوڻ تي هن راند کان هٿ کڻي ورتا. هن تي ۱۵ مهينن جي ڊوپنگ پابندي اپريل ۾ مڪمل ٿيندي. ۲۹ سالن جي اڳوڻي ورلڊ نمبر ون کي مارچ ۾ ٻن سالن جي پابندي جي سزا ڏني وئي هئي، بهرحال اپيل ڪرڻ تي آڪٽوبر ۾ اها سزا گهٽ ڪئي وئي هئي. جرمن ايونٽ ۲۴ اپريل کان شروع ٿيندو، پر ماريا پنهنجي پابندي جي سزا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ۲٦ اپريل تي پهريون ميچ کيڏندي، شراپووا کي وائلڊ ڪارڊ انٽري ملندي، اڳوڻي چيمپئن چيو ته مون کي خوشي آهي ته مان پنهنجي فيورٽ ايونٽ ذريعي راند ۾ واپس ايندس.