روس ڊونلڊ ٽرمپ کي آڱرين تي نچائڻ لاءِ سندس ذاتي معلومات چورائي ورتي: رپورٽ


 اربع ۱۱ جنوري ۲۰۱۷    ۳ مھينا پھريان     ٦۱   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو
ڊونلڊ ٽرمپ (فاٸل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : روس نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پنهنجي آڱرين تي نچائڻ لاءِ ذاتي معلومات تي ٻڌل ڊوز ٺاهي ورتو آهي. آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ٽرمپ بابت ذاتي قسم جي انتهائي اهم معلومات آهي، ڳجهي سروس جي اهلڪارن اوباما ۽ نئين چونڊيل صدر ٽرمپ کي انتهائي ڳجهي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي، نئين چونڊيل صدر کي گذريل هفتي ڏنل بريفنگ ۾ هن کي رپورٽ بابت به ٻڌايو ويو. بهرحال ٽرمپ خبر ڪوڙي قرار ڏيندي چيو، مون کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. آمريڪي اخبار موجب ٽرمپ جي ذاتي معلومات جو ڊوزيئر ۳۵ صفحن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان نئين چونڊيل صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ٽرمپ خبر کي ڪوڙي اخبار ۽ ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، ان ڪوڙي خبر تي مون کي سياسي طور تي ڊيڄاريو پيو وڃي.