پاناما ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا


 اربع ۱۱ جنوري ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۵۴   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پاناما ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا آهن، جڏهن ته عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد پنهنجي دليلن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته قطري خط جي حيثيت ٽشو پيپر کان وڌيڪ ناهي، ڇو ته حلفي بيان بنا ۽ ٻڌل سڌل ڳالهين تي ٻڌل آهي ۽ ٻڌل سڌل ڳالهين جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي هوندي. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري پنهنجا دليل جاري رکندي چيو ته نواز شريف ۽ انهن جي ٻارن جي بيانن ۾ فرق آهي، ڪمپني جو بيريئر سرٽيفڪيٽ پرائز باند ناهي هوندي ته جنهن وٽ هجي آف شور ڪمپني ان جي هوندي. قانون موجب بيريئر سرٽيفڪيٽ بابت ٻڌائڻ ضروري آهي، قانون جي حساب سان فليٽن جي ملڪيت جي منتقلي تائين بيريئر جو رڪارڊ ڏيڻو پوندو. رجسٽريشن جي نئين قانون جو عمل سڀني تي ٿئي ٿو، شريف خاندان جي چوڻ موجب ۲۰۰٦ع کان اڳ بيريئر سرٽيفڪيٽ قطري خاندان وٽ هئا، ان لاءِ شريف خاندان کي به سرٽيفڪيٽ جو قطري خاندان وٽ هجڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو. نعيم بخاري چيو ته بليڪ لا ڊڪشنري موجب ڪفالت هيٺ اهو هوندو آهي جنهن جا خرچ ڪو ٻيو شخص برداشت ڪري، نواز شريف ڪروڙين رپيا بطور تحفا ڏنا، مريم نواز وٽ آف شور ڪمپنين لاءِ پئسو نه هو، آف شور ڪمپنين لاءِ مريم کي رقم نواز شريف ڏني، هر شخص چاهيندو آهي ته هن جي ڌيءَ جي شادي کانپوءِ هن جي ڪفالت هن جو مڙس ڪري، جڏهن ته رڪارڊ موجب ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي ڪابه ڪمائي نه آهي.