اوباما آمريڪا ۾ مسلمانن خلاف نفرت جي پاليسي کي رد ڪري ڇڏيو


 اربع ۱۱ جنوري ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۳   شڪاگو   پرنٽ ڪيو
باراڪ اوباما (فائيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : آمريڪي صدر باراڪ اوباما نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو نالو وٺڻ بنا سخت نندا ڪندي چيو ته مسلمانن خلاف نفرت جي پاليسي رد ڪيان ٿو. آمريڪي شهر شڪاگو ۾ پنهنجي الوداعي خطاب ڪندي براڪ اوباما جو چوڻ هو ته پنهنجي دور حڪومت ۾ آمريڪا جي بهتري لاءِ گهڻا قدم کنيا، سمورن مسئلن کي مڙس ٿي منهن ڏنو ۽ ڪافي مسئلن جو نبيرو ڪيو، پر اڃا به ڪيترائي مسئلا نبرجڻ جوڳا آهن. پنهنجي دور ۾ ڪيوبا سان لاڳاپا بهتر ڪيا، نائن اليون جي ماسٽر مائينڊ کي ماريو ۽ ايران جو جوهري پروگرام وارو معاملو بنا گولي هلائي نبيريو، آمريڪا کي پهريان کان وڌيڪ محفوظ ملڪ بڻايو، جنهن جي بهترين مثال اها آهي ته گذريل ۱۰ سالن ۾ ڪابه دهشتگرد تنظيم آمريڪا ۾ ڪارروائي نه ڪري سگهي. اڄ آمريڪا جي معيشت مضبوط آهي، عوام کي نوڪريون ۽ صحت جون سهولتون ميسر آهن.