لاهور: ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي آفيس ۾ باهه لڳڻ ڪري ۷ ڄڻا سڙي فوت، ۸ زخمي


 اربع ۱۱ جنوري ۲۰۱۷    ۳ مھينا پھريان     ٦۹   لاھور   پرنٽ ڪيو
لاهور جي ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي آفيس ۾ لڳل باھ وساٸي پٸي وڃي

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لاهور: ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي آفيس ۾ باهه لڳڻ ڪري ۷ ڄڻا سڙي فوت ۽ ۸ زخمي ٿي پيا آهن، تفصيل مطابق لاهور جي علائقي محمود بوٽي انٽرچينج ويجهو واقع نجي ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي ٻه ماڙ عمارت واري آفيس ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، آفيس ۾ ۳۰ کان ۴۰ ڄڻا موجود هئا، جن مان ڪيترائي ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڪمري ۾ موجود ماڻهو نڪري نه سگهيا، واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسيڪو عملدار موقعي تي پهچي ويا ۽ باهه تي ضابطو آڻڻ سان گڏ عمارت ۾ موجود ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي، ريسڪيو عملدارن مطابق هڪ ڪمري جا در ڀڃي اندر وياسين ته ۴ ڄڻا فوت ٿي چڪا هئا، جڏهن ته ۱۱ ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، جتي وڌيڪ ۳ ڄڻا فوت ٿي ويا، زخمين جي حالت به ڳڻتي جوڳي آهي، شروعاتي رپورٽ مطابق باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.