دهشتگردي خلاف افغان عوام ۽ فورسز سان گڏ آهيون: آرمي چيف


 اربع ۱۱ جنوري ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ٦۲   راولپنڊي   پرنٽ ڪيو
آرمي چيف جنرل قمر باجوہ (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا قندهار ۽ ڪابل ۾ دهشتگرد ڪاررواين تي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف افغان عوام ۽ فورسز سان گڏ آهيون، آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا قندهار ۽ ڪابل ۾ دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، هڪ بيان ۾ آرمي چيف دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪاررواين ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف افغان عوام ۽ افغان فورسز سان گڏ بيٺل آهي.