سنڌ جو گورنر سعيد الزمان صديقي لاڏاڻو ڪري ويو


 اربع ۱۱ جنوري ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۱۰۵   ڪراچي   پرنٽ ڪيو
سنڌ جو گورنر سعيد الزمان صديقي (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : گورنر هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ جو گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي مسلسل علالت ۾ رهڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سنڌ جو گورنر پاڪستان جو چيف جسٽس رهيو آهي ۽ هن پاڪستان لاءِ بيشمار خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، ۱۱ نومبر ۲۰۱٦ع سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو، عهدي جو حلف کڻندي ئي ٻن ڏينهن اندر هو سخت بيمار ٿي پيو ۽ کيس اسپتال نيو ويو، طبيعت ۾ سڌارو اچڻ کانپوءِ ۱۵ ڊسمبر تي هو گورنر هائوس آيو، جتي هڪ ڪمري کي مستقل طور تي اسپتال جهڙو بڻايو ويو، جتي آڪسيجن سميت ٻيون سهولتون ڏنيون ويون، پر اڄ سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ ڪري ڪلفٽن ۾ واقع هڪ نجي اسپتال ۾ کيس نيو ويو، جتي هو دل بيهڻ ڪري فوت ٿي ويو. جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي پهرين ڊسمبر ۱۹۳۷ع ۾ ڀارت جي شهر لکنو ۾ پيدا ٿيو ۽ هو سنڌ جو ۳۱هون گورنر هو.