ڪامران سان پيار فيس بڪ ذريعي ٿيو، ساڻس ۷ ڏينهن گڏ گذاريم، جيڪي وسري نه سگهندا: طاهرا شاهه


 اڱارو ۰٦ ڊسمبر ۲۰۱٦    ۴ مھينا پھريان     ۲٦۹   سکر   پرنٽ ڪيو
طاهرا شاهه

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : سکر: سکر ڊويزن جي هنڱورجا شهر ۾ سماج سان بغاوت ڪندڙ سيده سباس طاهرا شاھ جعفري چيو آهي ته مون کي خدشو آهي ته منهنجي مارجي ويل ور ڪامران لاڙڪ جي ميڊيڪل پوسٽ مارٽم رپورٽ تبديل ڪئي ويندي، ان ڪري ئي رپورٽ ڏيڻ ۾ دير ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن رپورٽ تبديل ڪئي وئي ته احتجاج ڪنديس. سندس چوڻ آهي ته مون کي الله تعاليٰ حياتي ان لاءِ ئي ڏني آهي ته ڪامران جي دشمنن کي انجام تي پهچايان ۽ پيار ڪندڙن کي مايوس نه ٿيڻ ڏيان. آن لائين انڊس نيوز سان ڳالهيون ڪندي سيده سباس طاهرا شاھ جعفري چيو ته، منهنجو ۽ ڪامران جو پيار فيس بڪ تان شروع ٿيو هو، ٦ مهينن کانپوءِ ۵ آگسٽ تي اسان گھر ڇڏيو. مون پهريان ئي پنهنجو سامان ڪامران کي ڏئي ڇڏيو هو. حران پيدل نڪري ڪجهن جاءِ تي ڪامران وٽ پهتس ۽ ٦ اگسٽ تي اسان نڪاح ڪري ڇڏيو. هن ٻڌايو ته گھران نڪري شادي ڪرڻ کانپوءِ ڪامران جي مائٽن تي واپسي لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، ان دٻاءُ کي محسوس ڪندي مون واپسي جو فيصلو ڪيو. ڪامران مون کي ڪجھ چوڻ پئي چاهيو پر اڪيلائي نه ملڻ ڪري هو ڪجھ چئي نه سگھيو ۽ رڳو روئندو رهيو. ڪامران جي مائٽن کي شڪ هو ته اسان ٻئي آپگھات نه ڪري ڇڏيون، ان ڪري اسان کي اڪيلو نه پئي ڇڏيو ويو. واقعي واري رات صبح جو ۹ وڳي ڄامشورو پهتاسين، رات جو ۹ وڳي ڄامشورو مان هنڱورجا روانا ٿياسين ۽ رات جو ئي هڪ وڳي اتي پهتاسين. هن ٻڌايو ته مون کي تحسين شاھ، ڪامران کي مراد شاھ زبردستي زهر پياريو، شمشاد شاھُ گاريون ڏئي رهيو هو، جڏهن منهنجو پيءُ پسٽل جھلي ويٺو هو. مون پوليس توڙي عدالت ۾ ساڳيو بيان ڏنو آهي. مون ڪنهن جي ڌر ٿي نه پر جيڪو سچ هو اهو بيان ڏنو آهي. سباس طاهره شاھ جو چوڻ هو ته هتي پوليس ۽ ڊاڪٽر پئسن تي وڪامجي ويندا آهن، ڪامران جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ اڃا تائين ناهي ڏني وئي، مون کي خدشو آهي ته رپورٽ کي تبديل ڪيو ويندو ۽ اهو چيو ويندو ته هنن کي زهر نه پياريو ويو هو. اهڙي قسم جو ڪجھ به ٿيو ته عورتون احتجاج لاءِ نڪرنديون ۽ مان انهن جي اڳواڻي ڪنديس. ڪامران کانسواءِ زندگي سٺي نه ٿي لڳي پر مون کي حياتي ڪامران جي قبر کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ملي آهي. ڪامران جي نالي کي زنده رکڻ چاهيان ٿي. سيده سباس طاهره شاھ جعفري آن لائين انڊس نيوز کي ٻڌايو ته مون کي ڪامران جي ڪيل سي گھڻي ياد ايندي آهي. گھران نڪرڻ وقت مون کي بخار هو، ان ڪري ڪامران مون کي ڪيل سي پياريندو هو. بيمار ٿيڻ کانپوءِ به مون پاڻي جي جاءِ تي ڪيل سي پئي پيتي. ڪامران جي ڪيل سي مون کي ڪڏهن به وسري نه ٿي سگھي. ڪامران مونسان گڏ ۷ ڏينهن گذاريا، اهي ۷ ڏينهن ئي زندگي جا يادگار ڏينهن آهن. پنهنجي نالي بابت سيده سباس طاهره شاھ جعفري ٻڌايوته سندس اصل نالو سباس آهي. جنهن جي معنيٰ آهي جنت جي گل جي خوشبو. طاهره شاھ مون کي ميديا نالو ڏنو. جڏهن اسپتال ۾ هوش ۾ آيس ته سڀ مون کي طاهره شاھ سڏين پيا جنهن تي حيرت ٿي. مون کي طاهره شاھ نالو پسند آيو ۽ هاڻي منهنجو مڪمل نالو سيده سباس طاهرا شاھ جعفري آهي. هن ٻڌايو ته هو ڪامران ۽ پنهنجي پيار ڪهاڻي تي ڪتاب لکي رهي آهي. شاعري اڃا ته ناهي ڪئي پر ڪهاڻي پوري ڪري پوءِ شاعري به ڪنديس. ليلا مجنون جو نالو ٻڌو آهي پر سندن ڪهاڻي جي خبر ناهي. اڳ فلمون نه ڏسندي هيس پر هاڻي ٻارن سان گڏ فلم به ڏسندي آهيان. هن چيو ته مان هاڻي تعليم پوري ڪنديس ۽ ڪامران کي انصاف ڏيارينديس پوءِ ٻيو ڪجھ ٿيندو.