ڪوئيٽا کان قلات کي ملندڙ ۸۷ سيڪڙو گئس چوري ٿي رهي آهي: شاهد خاقان عباسي


 اربع ۱۱ جنوري ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۷۱   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن وارو وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪوئيٽا کان قلات کي ملندڙ ۸۷ سيڪڙو گئس چوري ٿي رهي آهي، جيستائين گئس چوري جو مسئلو حل نه ٿيندو پائيپ لائين وڇائڻ ۽ گئس جي فراهمي وڌائڻ جو ڪو فائدو نه آهي. اربع ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر اشوڪ ڪمار، عثمان ڪاڪڙ ۽ امير ڪبير جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن چيو ته گرمين جي موسم ۾ قلات جي گئس جي گهرج هڪ ايم ايم سي ايف ڊي ۽ سردي جي موسم ۾ ٽي ايم ايم سي ايف ڊي هوندي آهي، هن وقت ڪوئيٽا کان ۱۲ ايم ايم سي ايف ڊي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي پر قلات تائين رڳو ۲ ايم ايم سي ايف ڊي گئس پهچي رهي آهي ۽ جنهن علائقي مان به گئس پائيپ لائين گذري ٿي ان مان چوري ڪئي پئي وڃي، نومبر ۾ ۱٦۲ ايم ايم سي ايف ڊي گئس فراهم ڪئي وئي جنهن مان ميٽرز ذريعي رڳو ۲۰ هزار مڪعب فوٽ گئس فراهم ٿي ۽ اهڙي طرح ۸۷ سيڪڙو گئس چوري ڪئي وئي. هن چيو ته سئي سدرن گئس ڪمپني پنهنجي طور تي اهو مسئلو حل نه ٿي ڪري سگهي، ان لاءِ سياسي قيادت کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.