نائلا رند واقعو: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل، ڌرين کان ۳۰ جنوري تي جواب طلب


 اربع ۱۱ جنوري ۲۰۱۷    ۱ مھينو پھريان     ۱۸۱   حيدرآباد   پرنٽ ڪيو
شاگردياڻي ناٸلا رند (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   منصور مري  : سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي هاسٽل ۾ نائلا رند جي پراسرار لاش بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ سول سوسائٽي پاران پٽيشن داخل، نوٽيس جاري، سنڌ جي گهرو معاملن جو سيڪريٽري، گورنرٸ چانسلر سنڌ، وفاقي محتسب، صوبائي محتسب، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد، ڪمشنر حيدرآباد، ايس ايس پي ضلعو ڄامشورو، ايس ايڇ او ڄامشورو، وائس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي کان ۳۰ جنوري تي جواب طلب ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن جي شاگرد قرعت فاطما، ايڊووڪيٽ زرينا نواز، ايڊووڪيٽ شازيا خان، سماجي اڳواڻ پنهل ساريو، ذوالفقار هاليپوٽو، صحافي جعفر ميمڻ، ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻو ۽ مسعود سومرو طرفان سنڌ اندر انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ نامياري ايڊووڪيٽ علي پلھه معرفت نائلا رند جي پراسرار موت بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ هڪ آئيني پٽيشن داخل ڪئي، جڏهن ته عدالت سڳوري پٽيشن ۾ ڄاڻايلن کي نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا، پٽيشن ۾ جن کي ڌر بڻايو ويو آهي انهن ۾ سنڌ جي گهرو معاملن جو سيڪريٽري، گورنرٸ چانسلر سنڌ، وفاقي محتسب، صوبائي محتسب، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد، ڪمشنر حيدرآباد، ايس ايس پي ضلعو ڄامشورو، ايس ايڇ او ڄامشورو، وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي شامل آهن. عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته انصاف جي تقاضائن پٽاندڙ سنڌ هاءِ ڪورٽ يا ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي سربراهيءَ هيٺ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي. ڄامشوري ضلعي جي ايس ايس پي کي سنڌ يونيورسٽي طرفان ڏنل بنگلو خالي ڪرايو وڃي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اندر انٽي سيڪشوئل حراسمينٽ وارو قانون لاڳو ڪيو وڃي ۽ اڳ ٿيل اهڙن واقعن جي نه رڳو رپورٽ ورتي وڃي پر ملوث ماڻهن خلاف قدم پڻ کنيو وڃي. حڪم جاري ڪري يونيورسٽي ۾ عورتن جي هاسٽلن ۾ تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي نه رڳو سي سي ٽي وي ۽ اهڙا ٻيا اوزار لڳايا وڃن پر ايندڙ ويندڙ جي داخلائن سان گڏ چاق ۽ چوبند محافظن جي نظام کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. انهن کانسواءِ عدالت شاگردياڻين جي تحفظ لاءِ جيڪي به قدم کنيا وڃن.