سنڌي ميڊيا تي هلندڙ شاعري سان اسان جي ثقافت ۽ تهذيب جي تذليل ٿي رهي آهي: حميره شمس شيخ


 اڱارو ۰٦ ڊسمبر ۲۰۱٦    ۶ مھينا پھريان     ۲۴۱   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو
طاہرا شاہہ

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : هونئن ته سنڌي ادب ۾ ڪيترائي اڻ ڳڻيا نالا موجود آهن، جن پنهنجي وس ۽ وت آهر سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي، مردن جيان عورتن به سنڌي ادب ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، اهڙن ئي ڪردارن مان حميره نور به هڪ آهي، پنوعاقل لڳ ۲۱ آڪٽوبر ۱۹۷۰ع ۾ جنم وٺندڙ حميره نور شروعاتي پرائمري واري تعليم گرلس پرائمري اسڪول پنوعاقل مان حاصل ڪئي، ميٽرڪ گهوٽڪي جي گورنميٽ گرلز هاءِ اسڪول مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڊگري ڪاليج ٽنڊوالهيار مان انٽر ڪئي ۽ تنهن کانپوءِ بي اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي جي سوشالاجي شعبي مان حاصل ڪئي، حميره نور جا هن وقت تائين ۳ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ۴ ڪتاب مڪمل آهن، جيڪي ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن، سندس پهريون شاعريءَ جو ڪتاب ”درد جي خوشبو“ ۲۰۰۴ع ۾ شايع ٿيو، جنهن کانپوءِ ڪالمن تي مشتمل سندس ڪتاب ”زائفان ذات“ ۲۰۰٦ع ۾ شايع ٿيو ۽ پوءِ شاعري جو ڪتاب ”تون ۽ مان“ ۲۰۱۱ع ۾ شايع ٿيو، حميره نور اسلام آباد، ڪراچي، لاهور ۽ حيدرآباد سوڌو سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ حصو وٺي پنهنجيون تخليقون پيش ڪيون آهن، جڏهن ته اڪيڊمي آف اديبيات ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مختلف مشاعرن ۾ تمام گهڻو حصو ورتو آهي. شاعري سان لڳاءَ ۽ تخليقون سرجيندي ساڻس آيل مشڪلن جو ذڪر ڪندي حميره نور جو چوڻ هو ته مون پهرين شاعري ۱۹۹۱ع کان ڪئي، ان وقت سڀ کان پهريان ڏاڏاڻن پاران الزام لڳايا ويا ته حميره کي عشق ۾ ناڪامي نصيب ٿي آهي، تڏهن هي شاعري پئي ڪري، جڏهن ته بابا شمس شيخ کي به چيو ويو ته تنهنجي ڌيءَ کي عشق ۾ چوٽ ملي آهي، تڏهن شاعري پئي ڪري، پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي، مون کي ڪابه عشق جي چوٽ نه ملي، ڏات الهامي هوندي آهي ۽ رب پاڪ مون کي ڏات ڏني ۽ ان جي شروعات ۱۹۹۱ع ۾ ٿي، جڏهن مون کان ويٺي ويٺي ڪجهه سٽون سرجي ويون، اهي مون لکيون ۽ ڪراچي مان شايع ٿيندڙ هڪ اخبار ۾ موڪليون ته ان اخبار ۾ اهي سٽون شايع ٿي ويون، جنهن کانپوءِ مون کي لکڻ جو شوق اڃا به وڌيو ۽ مون وڌيڪ شوق سان لکڻ شروع ڪيو، اهڙي ريت شاعري سوڌو مختلف لکڻيون مختلف اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجنديون رهيون، مون کان شاعري ٿيڻ سئو سيڪڙو حادثو هو، اڳ ڪڏهن به شاعري نه پڙهندي هئس ۽ نه ئي ٻڌندي هئس، دماغ ۾ خيال آيو هو ته لکي ڇڏيم، اخبارن ۽ رسالن ۾ شاعري ڇپجڻ کانپوءِ شوق وڌيو ۽ پوءِ باقاعدگي سان ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم.