نائلا رند واقعي جي جاچ هلندڙ، هاسٽل جي ٻن گارڊن ۽ اليڪٽريشن جا بيان قلمبند، آغا بابر جي گرفتاري ظاهر نه ٿي


 اربع ۱۱ جنوري ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۳۲۵   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو
شاگردياڻي ناٸلا رند (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : نائلا رند واقعي جي جاچ جاري، پوليس واقعي جي جاچ کي وسيع ڪري ڇڏيو، ماروي هاسٽل جي سيڪيورٽي گارڊن ۽ اليڪٽريشن کي ايس ايس پي آفيس طلب ڪري بيان قلمبند ڪيا ۽ سندن موبائيل فون پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن، آغا بابر جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي، ايس ايڇ او موجب جن جا به بيان رڪارڊ ڪيا آهن، انهن جا موبائيل تحويل ۾ وٺندي ڊيٽا هٿ ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي چيو آهي، وڌيڪ ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهان، سنڌ يونيورسٽي جي جاچ ڪاميٽي ۱۱ ڏينهن ۾به ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو، رپورٽ وائيس چانسلر وٽ جمع ڪري ڇڏي، تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي هوشيار ۽ هونهار شاگردياڻي نائلا رند جي المناڪ موت واقعي جي جاچ پوليس پاران جاري آهي، ايس ايس پي ڄامشورو جاچ کي وسيع ڪندي اڄ منجهند ڌاري ماروي هاسٽل جي گيٽ تي ڊيوٽي ڪندڙ ٻن سيڪيورٽي گارڊن ۽ هڪ اليڪٽريشن کي ايس ايس پي آفيس طلب ڪري سندن کان آڏي پڇا ڳاڇا ڪندي بيان قلمبند ڪيا ۽ سندن جا موبائيل فون پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن، ايس ايڇ او ڄامشورو موجب نائلا رند واقعي جي جاچ ۾ ڪيترن ئي ڌرين جا بيان قلمبند ڪرڻ کانپوءِ سندن موبائيل فون تحويل ۾ وٺي انهن جي ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ڌرين ڏانهن اماڻيا آهن، ڊيٽا ملڻ کانپوءِ ڪيس جي جاچ ۾ وڌيڪ مدد ملندي، ايس ايڇ او موجب هو نائلا ڪيس بابت وڌيڪ ڪجهه به نٿو ٻڌائي سگهي. هوڏانهن گذريل ڏينهن مهراڻ يونيورسٽي جي ايڊمنسٽريشن بلاڪ مان گرفتار ڪيل ڪلارڪ آغا بابر پٺاڻ اڃا تائين گم ٿيل آهي، پوليس سندن گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار آهي کيس اڻڄاتل هنڌ رکي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. سنڌ يونيورسٽي جي جوڙيل جاچ ڪميٽي به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آهي، ۱۱ ڏينهن کانپوءِ ۸ ميمبرن تي مشتمل جاچ ڪميٽي رپورٽ وائيس چانسلر وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، ڪميٽي جي هڪ ميمبر نالو نه ٻڌائندي مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسان جي جاچ ڪرمنل حوالي سان نه هئي، اسان سوشل پهلو جي حوالي سان ڪوتاهين ۽ ڪمزورين کي نظر ۾ رکي جاچ رپورٽ ٺاهي آهي، نائلا واقعي جي ڪرمنل جاچ پوليس ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ٻڌايو ته يونيورسٽي جي جاچ ڪميٽي رپورٽ مڪمل ڪري سيل ڪري رجسٽرار نه هئڻ ڪري مون وٽ جمع ڪرائي آهي. رپورٽ مون اڃا ناهي پڙهي سڀاڻي رپورٽ جو تفصيلي جائزو وٺي ضرورت پئي ته رپورٽ ميڊيا آڏو پڻ پڌري ڪئي ويندي. ذريعن موجب يونيورسٽي جي جاچ ڪميٽي نائلا واقعي کي پڻ خودڪشي قرار ڏنو آهي ۽ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته واقعي ۾ هاسٽل انتظاميا جو ڪو به ڏوهه نه آهي.