قانون هندن کي شراب پيئڻ جي اجازت ڏئي ٿو: چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ


 اربع ۱۱ جنوري ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ٦۰   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس ذوالفقار احمد خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ شراب جي گتن تي پابندي جي حوالي سان داخل ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي ڪوهستان اسٽور جي حوالي سان مڪمل رپورٽ جمع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ۲۵ جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڏسڻو آهي ڪهڙو مذهب شراب واپرائڻ جي اجازت ڏئي ٿو. عدالت ۾ شراب جي گتن خلاف ڏنل درخواست جي ٻڌڻي. ان موقعي تي عدالت کي درخواست گذار رميش ڪمار ٻڌايو ته شراب واپرائڻ مسلمانن، عيسائين ۽ هندن جي پاڪ ڪتابن ۾ حرام قرار ڏنل آهي، تنهن هوندي به شراب جو وڪرو جاري آهي. هن موقف اختيار ڪيو ته اسان جماعت اسلامي ۽ ن ليگ سميت ٻين سياسي پارٽِين سان گڏجي شراب تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو بل پيش ڪيو آهي. رميش ڪمار عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب ۾ شراب جا ۲۰ گتا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ڪيترائي شراب خانا کلئي عام مسلمانن کي شراب وڪرو رهيا آهن. شراب جو وڪرو مذهبن جي توهين جي زمري ۾ اچي ٿو جنهن خلاف قانون جوڙيو وڃي. چيف جسٽس سنڌ پنهنجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته هندن کي آئين جي آرٽيڪل ۳۷ شراب پيئڻ کان نٿو روڪي، هاڻي ڏسڻو آهي ته ڪهڙو مذهب شراب واپرائڻ جي اجازت ڏئي ٿو ۽ شراب واپرائڻ بابت گيتا ۾ ڪهڙو حڪم ڏنل آهي، جنهن جي وضاحت ڪئي وڃي. چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته توهان غير مسلم جي نالي تي جيترو ڪاروبار شروع ڪيو آهي. ايتري ته غير مسلم جي آبادي نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن آڏو شراب جا گتا هجڻ توهان جي آئين جي خلاف ورزي آهي. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمري کان جواب طلب ڪيو ته مسلم آبادي جي علائقن ۾ شراب گتن جا لائسنس ڪهڙي طريقي جاري ڪيا ويندا آهن. ڊفينس ۾۱۱ شراب خانا آهن. جڏهن ته مسلم آبادي وڌيڪ آهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته هنن کي لائسنس جاري نه ڪيا ويا آهن. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته اسان کي وقت ڏنو وڃي. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي ڪوهستان اسٽور جي حوالي سان مڪمل رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ۲۵ جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت ۾ ٻڌڻي کان پوءِ ايم اين اي مسلم ليگ (ن) جي ڊاڪٽر رميش ڪمار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڄ جنهن هندو وڪيلن عدالت ۾ شراب جي گتن جي حوالي سان ڪيس جو دفاع ڪيو هو غلط آهي. هن چيو ته ۳۱ جنوري تي قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪيو ويندو. ڊاڪٽر رميش ڪمار چيو ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ ايمان دار آفيسر آهن، هو عدالتي حڪم تي عمل ڪرائين، سموري علماءِ ڪرام کي درخواست آهي ته ۲۵ جنوري تي عدالت ۾ اچي ڪيس ۾ اسان جو ساٿ ڏين. هن چيو ته پهرين ٦۵ شراب جا گتا هئا ۽ هن وقت ۱٦۵ آهن. اسان ملڪ کي ان گند کان پاڪ ڪنداسين.