مريدڪي ڀرسان روڊ حادثي ۾ ۲ ڄڻا فوت، ۴ زخمي


 اربع ۱۱ جنوري ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۳۵   لاھور   پرنٽ ڪيو
روڊ حادثي جو شڪار وين (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : مريدڪي ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ۲ ماڻهو فوت ۽ ۴ زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب لاهور کان گجرانوالا ويندي وين مريدڪي ڀرسان جي ٽي روڊ وٽ موڙ مڙندي حادثي جو شڪار ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ۲ ماڻهو فوت ۽ ۴ زخمي ٿي پيا. حادثي جو سبب ٽاءِ راڊ جو ٽٽڻ ٻڌايو پيو وڃي. حادثي کانپوءِ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ زخمين کي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو، جتي ۲ زخمي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا.