سکر ۾ جسقم ڪارڪن کنڀجي ويو، کنڀيل قومي اڳواڻ جي گرفتاري به ظاهر نه ٿي


 اربع ۱۱ جنوري ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۱۷۲   سکر   پرنٽ ڪيو
سکر مان کنڀيل قومي ڪارڪن غازي خان چاچڙ ۽ لياقت چنو (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   مشتاق ٽانوري  : سکر مان اڄ هڪ وڌيڪ قومپرست ڪارڪن کنڀجي ويو آهي، جسقم ڪارڪن شهريار چاچڙ ٻڌايو ته منجهند ۳ وڳي ڌاري ايس پي نمبر پليٽ سان ويگو گاڏي تي سوار ڳجهي اداري جي اهلڪارن نيو پنڊ ڦاٽڪ ويجهو واقع ڪٻاڙي جي دڪان تي ڪاهه ڪري سندس ڀاءَ جسقم ڪارڪن غازي خان چاچڙ کي کنڀي گاڏي ۾ ويهاري کڻي ويا، واقعي کانپوءِ قومپرست ڪارڪنن جو وڏو انگ واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويو، جتي هنن غازي چاچڙ جي بنا وارنٽ گرفتاري خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ڪارڪنن جو چوڻ هو ته غازي چاچڙ ڪاروباري آهي هو ڪنهن به اڻوڻندڙ سرگرمي ۾ ملوث نه آهي، هنن اعليٰ عدليا کان مطالبو ڪيو ته جسقم ڪارڪن کي کنڀي گم ڪرڻ جو نوٽيس وٺي کيس فوري طور آزاد ڪرايو وڃي، هوڏانهن سکر مان ڏيڍ هفتو اڳ کنڀجي ويل قومپرست پارٽي جي اڳواڻ لياقت چنو جي پڻ اڃا تائين گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آهي جنهن سبب سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي.