ملڪن جي ترقي جو وزن نوجوانن جي ڪلھن تي آهي: ڊاڪٽر مجيب الدين


 ڇنڇر ۱۵ جولاءِ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۱۷۷   ٽنڊو ڄام   پرنٽ ڪيو
ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي تقريب کي خطاب ڪندي

رپورٽ :   مستنصر علي جمالي  : ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي چيو آهي ته ملڪن جي ترقي جو وزن نوجوانن جي ڪلھن تي آهي، تنهن ڪري اسان جا نوجوان سڄو وقت موبائل فون کي استعمال ڪرڻ ۾ وڃائڻ بجاءِ هنري سکيا حاصل ڪرڻ تي لڳائين، هن اها ڳالهه پرائيم منسٽر يوٿ اسلڪلڊ پروگرام ۾ شريڪ نوجوانن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته اسان پنهنجي نوجوانن کي ترقي جي راھ تي گامزن ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان جي ملڪ اندر موبائل فون جو استعمال تمام تيزي سان وڌندو پيو وڃي، جنهن جا ناڪاري اثرات تمام گهڻا ۽ هاڪاري اثر تمام گهٽ آهن، هن وقت نوجوان پنهنجو سڄو وقت موبائل فون جي استعمال ۾ وڃائڻ بدران هنري سکيا حاصل ڪرڻ ۾ لڳائين ته جئين اسان پنهنجي معاشري کي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهون، هن چيو ته وزير اعظم جي يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام جي ڪري نوجوانن ۾ هنري ڪمن جو رجحان وڌيو آهي ۽ هو پنهنجي هنر وسيلي پنهنجي گهرن جي ڪفالت ڪري سگهندا، جڏهن ته ان سان نه صرف بيروزگاري ۾ گهٽتائي ايندي پر ملڪ ۾ گهريلو صنعت کي به هٿي ملندي. هن پروگرام ذريعي نوجوان مردن توڙي عورتن کي هنري سکيا ڏيڻ بعد انهن جي مالي مدد ڪري انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي، تقريب کي ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، تقريب ۾ استادن، اسڪالر، زرعي ماهرن شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.