ڄامشورو: سينٽر آف ايڪسيلنس ۾ نيوٽيڪ تحت سکيا حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ مقابلا


 ڇنڇر ۱۵ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۲۱۴   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائن مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري پاران نيشنل ووڪيشنل ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي سهڪار سان زونل اسڪل ڪامپٽيشن ڪرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جي ۳۰ کان وڌيڪ سکيا مرڪزن سان واسطو رکندڙ ۱۰۰ کان وڌيڪ تربيت حاصل ڪندڙ نوجوانن شرڪت ڪئي. نيوٽيڪ جي سهڪار سان سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائن ۾ بيوٽيشن، فيشن ڊزائن اينڊ ڊريس ميڪنگ، جنرل اليڪٽريشن، آٽو ڪيڊ ، مستري يا رازو ۽ گرافڪ ڊزائن جي مختلف مقابلن ۾ ٽنڊي محمد خان، حيدرآباد، مٽياري، هالا، مٺي، شهيد بينظير آباد، سڪرنڊ، شهداد پور، ميرپور خاص، ٽنڊو الهيار، ڊگهڙي، ڄامشورو، سيوهڻ، دادو، خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، عمر ڪوٽ، گمبٽ ۽ سانگهڙ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ مقابلا ٿيا. مختلف ٽيڪنيڪل مقابلن ۾ پهريون نمبر ماڻيندڙ شاگردن کي ۲۵ هزار، ٻيو نمبر حاصل ڪندڙ شاگردن کي ۲۰ هزار، جڏهن تـه ٽئين نمبر تي ايندڙ شاگردن کي ۱۵، ۱۵ هزار روپين جا چيڪ ڏنا ويا. جڏهن ته ايم آءِ ٽي سافٽ ويئر ساليوشن ڪاليج جي شاگردياڻي پڻ آٽوڪيڊ شعبي ۾ پوزيشن ماڻي. تقريب کي خطاب ڪندي نيوٽيڪ سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالرحيم شيخ چيو ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙا گهٽ ادارا آهن جيڪي نوجوانن جي صلاحيتن کي نکاري ۽ مقابلي لاءِ تيار ڪري کين ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ روزگار لائق بڻائن ٿا. هن چيو ته اسان نيوٽيڪ جو سفر ۲۵ هزار نوجوانن جي تربيت کان شروع ڪيو جنهن ۾ پوءِ انگ وڌائي ۵۰ هزار ڪيو ويو جڏهن ته هاڻي چوٿين فيز ۾ هڪ لک نوجوانن کي تربيت ڏيندا سين. عبدالرحيم شيخ وڌيڪ چيو ته سينٽر آف ايڪسيلنس اِن آرٽ ۽ ڊزائن کي اهو شرف حاصل آهي ته اهڙو شاندار پروگرام هنن چوٿون ڀيرو منعقد ڪرايو آهي جنهن سان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ نوجوانن ۾ اُتساهه پيدا ٿيو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سينٽر آف ايڪسيلنس اِن آرٽ ۽ ڊزائين مهراڻ يونيورسٽي ۾ نيوٽيڪ جي فوڪل پرسن پروفيسر فضل الاهي خان چيو ته اداري مان تربيت حاصل ڪندڙ نوجوانن کي ڇهن مهينن اندر ايترو تيار ڪري رهيا آهيون ته جيئن هو پنهنجو روزگار ڪري معاشري ۾ عزت جوڳو مقام ماڻي سگهن. هُن چيو ته اسان جو ادارو اُنهن سمورن نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪندو رهندو جيڪي ڪِن مخصوص سببن جي ڪري تعليم جاري نه رکي سگهيا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نيوٽيڪ انتظاميه جي سهڪار سان سنڌ جي پٺتي پيل نوجوانن جي همت افزائي اسان پنهنجو فرض سمجهون ٿا ۽ انهي فرض کي عبادت سمجهي نڀائيندا آهيون. تقريب کي نيوٽيڪ هيڊڪوارٽر اسلام آباد جي ڊائريڪٽر نعيم اقبال، عزيزالله چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ۰۰۱