شھدادپور جي تعلقا اسپتال مريضن لاءِ بي لاڀ بڻيل، مريضن پاران نوٽيس جي اپيل


 ڇنڇر ۱۵ جولاءِ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۳   شهدادپور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   غلام عباس ساند  : شھدادپور: شھدادپور جي اپ گريڊ ڪيل سرڪاري تعلقا اسپتال ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ آف سائنسز ۾ سياسي آشر واد تي مقرر مقامي ڊائريڪٽر مان به عوام ۽ مريضن کي لاڀ نه مليو سگھيو آھي، اسپتال جي سرڪاري اسٽور تان دوائن جي ھٿراڌو کوٽ پيدا ڪري اسپتال اندر مختلف وارڊن ۾ انساني حياتيون بچائيندڙ سرڪاري دوائون پئسن تي وارڊن جي انچارجن کي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، اسپتال اندر ماھر سرجن گردن جو ڊاڪٽر، پيٿالوجي ڊاڪٽر ۽ ٻين اھم شعبن جا ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري اڪثر شعبا ٽيڪنيشنس ھلائڻ لڳا آھن، پيٿالوجي جي ليب ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري مرضن جون ٽيسٽون ٽيڪنيشن ڪرڻ لڳا آھن، اسپتال اندراو پي ڊي ۾ روزانو ايندڙ سوين مريضن مان اڪثر مريضن ۽ مختلف وارڊن ۾ داخل. مريضن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسپتال اندر اسان کي ڪي به سھولتون ناھن، سرڪاري دوائون به انچارج پئسن تي ڏين ٿا يا وري دوائون ٻاھران وٺي اچڻ لاءِ لکي ڏين ٿا، پئسن بنان ھڪ گوري به نه ٿي ملي، ٽيسٽون به سيکڙاٽ پئسن عيوض ڪن ٿا، سياسي آکاڙو بڻيل سرڪاري اسپتال ۾ مقرر مقامي ڊائريڪٽر مان اسان مريضن کي ڪوبه لاڀ حاصل ناھي، اسپتال جي سمورن ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين جا عاليشان پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر قائم ھوندي سرڪاري اسپتال سندن لاءِ ڪليڪشن يونٽ بڻيل ھوندي سرعام مريضن کي پرائيويٽ سينٽرن تي موڪليو پيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو آھي ته اسپتال اندر دوائن جي ھٿراڏو کوٽ وارڊن ۾ مريضن کي پئسن عيوض سرڪاري دوائون ڏيڻ، ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن جو سختي سان نوٽيس وٺي سخت قدم کڻي مريضن کي دوائون ۽ ٻيون سھولتون ڏنيون وڃن. ۰۰۱