بلوچستان ۾ برسات جا راڱا، فصل ٻڏي ويا، گهرن کي نقصان


 آچر ۱٦ جولاءِ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۹۰   ڪوٸيٽا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : خضدار: بلوچستان ۾ شديد برساتن تباهي آڻي ڇڏي آهي، نئيون وهي اچڻ سبب ڪيترن ئي هنڌن تي پلون لڙهي ويون آهن جنهن ڪري انهن علائقن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. رپورٽ مطابق حب ۽ خضدار جي وچ ۾ بخالو وٽ پل پاڻي ۾ لڙهي وئي. پل ٽٽڻ سبب ڪراچي ۽ ڪوئيٽا جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي ۽ پل جي ٻنهي پاسي گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن. بلوچستان جي وڏي وزير پل ٽٽڻ جو نوٽيس وٺندي ضلعي انتظاميا کي فوري طور تي متبادل رستو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جنهن کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر خضدار سهيل الرحمان بلوچ متبادل رستي لاءِ هيوي مشينري گهرائي ورتي آهي ۽ ليويز خضدار ۽ وڍ وٽ ٽريفڪ کي روڪي ورتو آهي. ان کان علاوه موسيٰ خيل، قلات، زيارت ۽ زوب ۾ شديد برساتن سبب ڪيترن ئي هيڪٽرز تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ گهرن کي به شديد نقصان پهتو آهي.