نوشڪي جي تڪ اين اي ۲٦۰ تي ننڍي چونڊ جي يو آءِ کٽي ورتي


 آچر ۱٦ جولاءِ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۲   ڪوٸيٽا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪوئيٽا: بلوچستان جي علائقي نوشڪي مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي ۲٦۰ تي ٿيل ننڍي چونڊ جو ميدان جي يو آءِ (ف) ماري ورتو آهي. رپورٽ مطابق نوشڪي ۾ ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ۱۹٦ پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق جي يو آءِ (ف) جي اميدوار عثمان باديني ۳۹۸۵۲ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي جڏهن ته بلوچستان نيشنل پارٽي جو اميدوار بهادر خان مينگل ۲۷٦۲۹ ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جو جمال ترڪئي ۱۳۴۰۸ ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو. ان کان علاوه پيپلزپارٽي چوٿين ۽ تحريڪ انصاف پنجين نمبر تي رهي.