مظاهرن سبب شادي واري ڏينهن بڪتربند گاڏي ۾ رخصت ٿيس: ماريا وڪٽوريا


 آچر ۱٦ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۷۲   برازيل   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : برازيل: برازيل جي سياستدان عورت، مخالف ڌر جي مظاهرين مٿان پنهنجي شادي تقريب ۾ ايندڙ مهمانن سان جسماني ۽ زباني بدتميزي ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي، هن جو چوڻ آهي ته اهڙو عمل انهن ماڻهن ان جي ڪري ڪيو ته جيئن خاندان صدر مائيڪل ٽيمر جي حمايت ڪرندو رهي، ۲۵ سالن جي ماريا وڪٽوريا بروس صوبا پرانا جي اسيمبلي ميمبر آهي ۽ ان جو والد صدر مائيڪل ٽيمر جي حڪومت ۾ صحت جو وزير هو، سوين ماڻهو جمعي ڏينهن ان چرچ ٻاهران گڏ ٿي ويا هئا، جتي ماريا وڪٽوريا جي شادي تقريب جاري هئي، مظاهرين ان مٿان انڊا اڇلايا ۽ ماريا وڪٽوريا کي بڪتربند گاڏي ۾ چرچ کان ٻاهر نڪرڻو پيو، ان جي شادي ۾ صوبي جي سياسي بااختيار طبقو شامل هو جنهن ۾ ان جو والد ريڪارڊو بروس ۽ والده سيڊا بورغيٽي به شامل هئا، ياد رهي ته ان جو والد پراڻو نائب گورنر به رهي چُڪو آهي، برازيل ڪانگريس جي گهٽ ۾ گهٽ ۳۰ حڪومتي ميمبرن به ماريا جي شادي ۾ شرڪت لاءِ گاڌي واري شهر ڪيوريٽيبا مدعو پهتا هئا. مظاهرين حڪومت مخالف بينر کنيا هئا ۽ ماريا بروس خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا. نئين شادي شده جوڙي ۽ انهن جي مهمانن جي تحفظ لاءِ اخر پوليس گهرائڻي پئجي وئي.