رياضي جو سڀ کان وڏو اعزاز ”فيلڊز ميڊل“ ماڻيندڙ عورت مريم مزاخاني لاڏاڻو ڪري وئي


 آچر ۱٦ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۹۵   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو
ماهر رياضيدان مريم مزاخاني جي حياتيءَ جي تصوير

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : واشنگٽن: رياضي جي ميدان ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو اعزاز ”فيلڊز ميڊل“ ماڻيندڙ پهرين ايران ڄائي آمريڪي عورت مريم مرزاخاني آمريڪا ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، مريم جي عمر ۴۰ سال هئي هوءَ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئا. آمريڪا جي اسپتال ۾ اڄ هوءَ علاج دوران فوت ٿي وئي، مريم مرزاخاني دوست فيروز نادري ٻڌايو ته ان جي لاڏاڻي واري خبر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽا گرام تي لڳائي آهي، مريم جي گهروارن ان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ناسا جي “سولر سسٽم ايڪسپوريشن“ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر فيروز نادري ٻڌايو ته روشني روشنيءَ جو ڏيئي وسامي ويو، اڄ مان تمام گهڻو غمگين آهيان ۽ مريم گهڻو وقت اڳ ئي اسان کان پري هلي وئي، هن لکيو آهي ته مريم ذهين ته هئي ئي پر ان سان گڏو گڏ هوءَ ڌيءَ، ماءُ ۽ زال ته تمام سُٺي هئي، ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪيليفوريا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ پروفيسر طور پڙهائيندڙ مريم گذريل چئن سالن کان سرطان جي ڪينسر ۾ مبتلا هئي جيڪا ڪينسر هن جي جسم ۾ ڦهلبي وڃي پئي. مريم کي انٽر نيشنل ڪانگريس آف ميٿيٽيشينز طرفان ۲۰۱۴ ۾ رياضي شعبي ۾ نوبل انعام ڏنو ويو هو.