هزارين زندگيون بچائيندڙ سوني رنگ وارو ڪيلو


 آچر ۱٦ جولاءِ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۱۷٦   سئيٽرزلينڊ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪوئنز لينڊ: دنيا اندر ڪيلو هڪ عام ۽ وڏي شوق منجها کاڌو ويندو آهي، پر دنيا جو هڪ علائقو اهڙو به آهي، جتي وٽامن اي سان ڀريل ڪيلي جي خاص جنس کڻي ان سان عام ڪيلي کي به وٽامن اي سان ٽمٽار ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان هر سال لکين ٻارن جون زندگي بچائي سگهجن ٿيون، ڪيلو ايتري قدر عام کاڌو ويندو آهي جو ڪيترن ئي آفريڪي ملڪن ۾ ان کي روز مرحه پڪوان جو نالو ڏنو ويو آهي، يوگينڊا ۽ ٻين مشرقي آفريقي ملڪن ۾ ڪچن ڪيلن کي پچايو ويندو آهي ۽ انهن کي روز کاڌو ويندو آهي، جنهن سان ماڻهن جي جسم ۾ وٽامن جي مقدار پوري ٿي ويندي آهي، هاڻي ماهرن وٽامن اي سان ڀريل هڪ سنهري ڪيلي کي تيار ڪيو آهي، جيڪو لاتعداد انساني زندگيون بچائي سگهي ٿو. ڪجهه ڪيلن کي پچائي کائڻ سان انهن مان نشاستي جي مقدار پوري ٿي ويندي آهي، پر ٻين غذائي شين (مائيڪرو نيوٽرينٽس) مثال طور وٽامن اي جي مقدار گهٽ ٿي ويندي آهي، هاڻي سوئزر لينڊ جي هڪ زرعي بايو ٽيڪنالوجسٽ جيمز ڊيل گهٽ ۾ گهٽ ۱۰ سالن جي محنت کان پوءِ هڪ اهڙو ڪيلو تيار ڪيو آهي، جيڪو مٽامن اي سان مالا مال ۽ ان جي رنگ جي بنا تي “سنهري ڪيلي“ جو نالو ڏنو ويو آهي، پروفيسر ڊيل موجب دنيا ۾ ٦ کان ۷ لک ٻار صرف وٽامن اي جي گهٽتائي ڪري هل سال موت جي منهن ۾ لهيا وڃن ٿا، غربت جي ڪري اهي ٻار وٽامن کي سپليمنٽ يا گوري کائڻ کان به محروم رهجي ويندا آهن، جنهن جي ڪري ۳ لک ٻار وٽامن جي گهٽتائي جو شڪار ٿيندا آهن، پر هاڻي اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته سنهري ڪيلي جي پيداوار سان ان ۾ گهٽتائي ضرور ايندي.