وارن جو رنگ ۽ ان جو منفرد اسٽائيل توهان جي شخصيت جي سڃاڻ آهي؟


 آچر ۱٦ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۵۵   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: عورتن جي وارن جو رنگ به هڪ ٻئي کان مختلف هوندو آهي، جڏهن ته وارن کي ٺاهڻ جا انداز به هڪ ٻئي کان الڳ ئي هوندا آهن، پر وارنگ جي رنگ کان وٺي هيئر اسٽائل تائين توهان جي شخصت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ماهرن هزارين ماڻهن جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ وارن جي رنگ ۽ وار ٺاهڻ جي انداز کي انفرادي شخصيت سان گڏ گهڻو لاڳاپو ڳولي لڌو آهي ۽ اهو انتهائي دلچسپ به آهي، اهي عورتون جن جا وار رنگين هوندا آهن اهي تمام ذهين هونديون آهن، پر انهن جي شخصيت ٻين جي لاءِ تمام پراسرار به هوندي آهي، جيڪڏهن مردن جا وار گهري رنگ وارا هجن ته اهي به ذهين هوندا آهن، البته عورتن جي برعڪس اهي پنهنجي شخصيت کي پراسراريت ۾ لڪل ناهن هوندا. سرخي مائل رنگ وارا وار گهڻو ڪري عورتن جا ئي هوندا آهن ۽ اهڙيون عورتون ايڊونچر پسند ڪنديون آهن، يعني انهن کي گهمڻ ڦرڻ کان علاوه نت نوان تجربا ڪرڻ جو شوق هوندو آهي جيڪا هڪ خاص درجا جوش ۽ ولولي جي تقاضا ڪندي آهي، اها ئي وجهه آهي ته سرخي مائل بار رکندڙ عورتن جي صحت به سُٺي هوندي آهي، جيڪڏهن توهان مرد آيو ۽ توهان جي وارن ۾ سنهرو رنگ نظر اچي رهيو آهي ته توهان تمام پرڪشش انسان آهيو، جيڪي صنف مخالف جي لاءِ مقناطيس جو درجو رکندا آهن، پر توهان کي عورتون گهڻو ذهين ناهن سمجهنديون. ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن جا وار اڌ عمر ۾ ئي اڇا ٿي ويندا آهن، پر انهن مردن ۽ عورتن لاءِ اهو ئي معلوم ٿيو آهي ته اهي اعتماد مزاج هوندا آهن، يعني اهي پنهنجي زندگي جي ڪنهن به پهلو جي باري ۾ فيصلو ڪرڻ وقت تمام گهڻو سوچيندا آهن ۽ ان کانپوءِ جڏهن هو ڪو به فيصلو ڪندا آهن ته پوري اعتماد سان ان تي بيهي رهندا آهن. جن جا وار گهاڻا هوندا آهن اهي قوتِ ارادي ۾ تمام مضبوط هوندا آهن، جيڪي اڪثر ڪري گنجا رهندا آهن يا مٿي تي ننڍا وار رکندا آهن.