نيويارڪ ۾ ننڍڙن ٻارڙن جي انوکي ريس


 آچر ۱٦ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۸۱   نيويارڪ   پرنٽ ڪيو
نيويارڪ: ريس دوران ٻارڙا پنهنجي والدين طرف وڃي رهيا آهن

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : نيويارڪ: آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ ننڍڙن ٻارڙن جي هڪ اهڙي ريس ٿي جنهن ۾ هارائڻ تي ڪوبه غمگين نظر نه آيو ان ۾ ريس ۾ ۳۰ ٻارڙن حصو ورتو جنهن کي ڊائپر ڊربي ريس جو نالو ڏنو ويو هو. ريس ۾ ٻارڙن سان گڏ والدين به موجود هئا جيڪي کير جي بوتل، ريموٽ ۽ ڪجهه رانديڪن وسيلي پنهنجن ٻارڙن کي کٽرائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهيا ۱۱ کان ۲۴ مهينن جي عمر جا ٻار ان رويس ۾ شريڪ ٿيا ريس ختم ڪرڻ لاءِ ڪوبه وقت مقرر نه ڪيو ويو هو ۱۰ فٽ جي چادر تي ٻارڙن کي ڀانڀڙا پائيندي پنهنجن والدين تائين پهچڻو هو ۽ سڀ کان اڳ پهچندڙ ٻار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.