برطانيا ۾ منعقد ڪيل دلچسپ ايئر شو


 آچر ۱٦ جولاءِ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۵   لنڊن   پرنٽ ڪيو
فاٸيل فوٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لنڊن: برطانيا جي آر اي ايف فيئر فورڊ ايئر اسٽيشن تي دلچسپ ايئر شو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ جهازن هوا ۾ هزارين فوٽن جي اونچائي تي شاندار ڪرتبن جو دلچسپ مظاهرو پيش ڪري تماشائين کي حيران ڪري ڇڏيو ان ايئر شو جي موقعي تي نه صرف جديد جهاز نمائش لاءِ پيش ڪيا ويا پر آمريڪي ايئر فورس ۷۰ سال مڪمل ٿيڻ تي جهازن وسيلي اهڙا حيرت ڏياريندڙ ۽ دلچسپ اسٽنٽس ڏيکاريا جو ڏسندڙ داد ڏيڻ بنا نه رهي سگهيا، ان ايئر شو کي ڏسڻ لاءِ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو موجود هئا.