جوهي ۾ پينو فقيرن کي ڀتا خور پاران ڌمڪيون ڏيڻ خلاف شهري اتحاد جو احتجاج


 آچر ۱٦ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۷۰   جوھي   پرنٽ ڪيو
جوهي جو نقشو (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   مشتاق رودناڻي  : جوهي: جوهي جي هڪ سياسي تنظيم جو اڳواڻ سڏرائيندڙ ڀتا خور شبير جمالي پاران فائرنگ ڪرڻ ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ خلاف جوهي شهري اتحاد ۽ پورهيت پينو جوڳي فقيرن، مرد، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن پاران شهيد مخدوم بلال پارڪ کان احتجاج ڪندي هٿن ۾ بئنر پلي ڪارڊ کڻي مسمات حوا، نصيبان، رشيده، قربان جوڳي، حميد ٻٻر، فقير عيسي باهوٽو، راهب جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جوهي دادو مين روڊ تي ڌرڻو هنيون، جتي سخت گرمي دوران هڪ معصوم کير پياڪ ٻار بيهوش ٿي ويو. ان موقعي تي شهري اتحاد جي اڳواڻن الزام هنيون ته ڏوهاري ماڻهن جي ڏاڍ ۽ ڪرمنل ماڻهن جي سهولت ڪار شبير جمالي ڀان سيد آباد کان پوليس جي گرفت کان بچڻ لاءِ جڏهن کان جوهي ۾ پناهه ورتي آهي، تڏهن کان جوهي ۾ صدين کان آباد پورهيتن ۽ خيرات پندڙن جوڳي فقيرن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي، پورهيت طبقي ۽ گداگري ڪندڙن کان زبردستي هٿيارن جي ڏاڍ تي خرچ کٽڻ بعد پورهيتن جي گهرن ۾ ڪاهي پوي ٿو، هنن چيو ته ڀتو نه ڏيندڙن جي گهرن مٿان فائرنگ ڪري هراسان ڪرڻ ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي، جوهي شهري اتحاد جي اڳواڻن چيو ته اسان ڀتي خور کي خبردار ڪيو آهي ته جوهي امن پسندن جو شهر آهي هتي غنڊا گردي ۽ ڏاڍ نه هلندي، منع ڪرڻ تان اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ٻئي طرف پينو فقيرن دانهيون ته گذريل ٻن ڏينهن کان گداگري تي نٿا وڃي سگهون، گهرن تائين محدود ٿي ويا آهيون، معصوم ٻچڙا بکي پيٽ تي دانهون ڪري رهيا آهن، آخر ۾ هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو، ڊي ايس پي جوهي ۽ ٻين وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي، ڀتو گهرندڙ ڏوهاري ماڻهن جي سهولت ڪار شبير جمالي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ جوهي کان دادو ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي لانگ مارچ ڪري مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪنداسين. ۰۰۱