جوهي ۾ آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج جاري


 آچر ۱٦ جولاءِ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۵۳   جوھي   پرنٽ ڪيو
جوهي جو نقشو (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   مشتاق رودناڻي  : جوهي: جوهي ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ بااثر ڀوتارن پاران سرعام ڌاڙا هڻي زرعي پاڻي چوري ڪرڻ خلاف چوٿين ڏينهن تي مختلف شاخن جي آبادگارن جي حمايت ۾ جوهي شهر جي سياسي تنظيمن جي اڳواڻن آبادگار بورڊ جي قائم مقام صدر عبد الطيف جمالي، وڪيل ابوبڪر رند، ميهر گاڏهي، شمن کوسو، يونس سولنگي، ڪامريڊ شوڪت باهوٽو، امين وگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري جوهي دادو مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، جتي آبادگار اڳواڻن دانهيو ته جوهي بئراج تي بااثر زميندارن ۽ چونڊيل نمائندن جي ملي ڀڳت سان هٿيارن جي زور تي زرعي پاڻي تي ڌاڙو هنيو وڃي ٿو ۽ سرعام جوهي بئراج تي سوين غير قانوني لفٽ مشينون هڻي پاڻي چورايو وڃي ٿو، هنن چيو ته جوهي تعلقي اندر ڪافي وقت کان وٺي هڪ خلاصي سڄي تعلقي اندر ايريگيشن عملي جو سسٽم هلائي رهيو آهي، انجنيئر ايس ڊي او لاپتا آهي، هنن چيو ته زرعي پاڻي نه هئڻ ڪري پوري تعلقي جون هزارين ايڪڙ زرعي زمينون غير آباد پيون آهن، هاڻ آبادي ته ٺهيو پر پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهيون، ماڻهن سان گڏ چوپايو مال به اڃ مري رهيو آهي، شاخن مان پاڻي بدران سڪل واري اڏامي رهي آهي، آبادگارن موجب آبپاشي کاتي جو انجنيئر راشي آهي، جنهن پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪري پوري تعلقي جي آبادگارن کي معاشي بدحالي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوهي برانچ تي رينجرز مقرر ڪري پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو. ۰۰۱