ٽنڊوڄام ۾ رينجرز پاران ڪچرو هٽائڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال واري صفائي مهم جاري


 آچر ۱٦ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ٦۲   ٽنڊو ڄام   پرنٽ ڪيو
ٽنڊوڄام جو نقشو (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   مستنصر علي جمالي  : ٽنڊوڄام: رينجرس پاران ٽنڊوڄام ۾ به صفائي مهم جاري آهي. رينجرس جي نگراني ۾ ڳري مشينري جي مدد سان ٽنڊوڄام جي مختلف علائقن ۽ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ جي ٻنهي پاسن کان پيل ڪچرو هٽايو پيو وڃي. جڏهن ته ٻن ڏينهن کان ٿيل برسات جو بيٺل پاڻي به نيڪال ڪرايو پيو وڃي. صفائي مهم ۾ ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام جو چيف ميونسپل آفيسر غلام مصطفيٰ شيخ، چيف آفيسر سيد سهيل شاهه، چيف سينيٽري اسپيڪٽر غلام شبير چانڊيو، زبير راجپوت ۽ ٻيو عملو به شامل آهي. ٻئي پاسي ڊي ايس آر رينجرس محمد انور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. رينجرس ضلعي انتظاميا سان مختلف مامرن ۾ سهڪار ڪندي رهي آهي. سي ايم او غلام مصطفيٰ شيخ چيو ته برسات جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل هنگامي حالتن ۾ ميونسپل عملو متحرڪ آهي. شهرين کي به گهرجي ته انتظاميا سان سهڪار ڪن. ۰۰۱