ٽنڊو آدم ويجهو ڀوڀر شاخ کي پنج هنڌن تان گهارا، ڳوٺاڻن جو آبپاشي عملدارن خلاف احتجاج


 آچر ۱٦ جولاءِ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۴۰   ٽنڊو آدم   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   واحد بخش چنو  : ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم آبپاشي سب ڊويزن ون جي حد ۾ وهندڙ ڀوڀر شاخ کي گذريل صبح جو پنج هنڌن ڳوٺ حبيب ملوکاڻي، ڳوٺ جان محمد ڪلوئي، ڳوٺ عبدالله ڪلوئي، خان محمد ملوکاڻي، رياض ملوکاڻي وٽان پيل ۲۰ کان ۸۰ فوٽن جا گهارا آبپاشي عملدارن جي نه پهچڻ تي آسپاس جي زميندارن ۽ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت عارضي طور بند ڪري ورتا آهن، جڏهن ته بند پڪا نه ٿيڻ سبب ٻيهر شاخ کي گهارا پوڻ جو خدشو آهي، علائقي جي زميندارن پنهنجي خرچ تي هڪ ڪرين مشين گهرائي ۽ باقي ڪوڏر جي ڇيڙ گهرائي تمام گهڻا پيل ننڍا وڏا گهارا بند ڪيا آهن، پر برسات پوڻ ۽ شاخ ۾ ٻيهر پاڻي گهڻو ڇڏڻ سان گهارا پئجي ويندا، آسپاس جي زميندارن جو پوکيل ووڻن جو فصل سڙي تباهه ٿي ويندو، ان سلسلي ۾ آبپاشي عملو لاپرواهه بڻيل آهي ۽ علائقي جي زميندارن جا ڪروڙن جا فصل پاڻي ۾ سڙي تباهه ٿيڻ جو خدشو آهي.ٻئي طرف علائقي جي زميندارن ۽ ڳوٺاڻن جهول_ٽنڊوآدم روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته آبپاشي عملدارن جي لاپرواهي ۽ نااهلي جي ڪري شاخ کي ڪيترن ئي هنڌن تان گهارا پيا آهن جنهن سان اسان جو وڏو نقصان ٿيو آهي هنن چيو ته شاخ ۾ پاڻي تمام گهڻو ڇڏيو ويو هو، جنهن جي ڪري نقصان ٿيو آهي، هنن چيو ته اسان جي شاخ سڪندي آهي پاڻي نه ڏيندا آهن پر جڏهن منڍ ۾ پاڻي جي ضرورت نه هوندي آهي پوءِ پوڇڙي کي ٻوڙيندا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته نااهل آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، جڏهن ته ڀوڀر شاخ تي مقرر ٿيل داروغو رضوان ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته برسات پوڻ سبب سمورا واٽر بند ڪري ڇڏيا، زميندارن شاخ ۾ پاڻي گهڻو ٿي ويو ۽ اوور ٽاپ ٿيڻ کانپوءِ گهارا پئجي ويا، هن لاپرواهي واري انداز ۾ چيو ته اهو ڪو نئون مسئلو ڪونهي برساتن ۾ ائين ٿيندو آهي. ۰۰۱