دادو ۾ پوليس اهلڪار پٽ کي زنجيرن سان جڪڙي ڇڏيو، نينگر ٿاڻي تي پچڻ بعد اهلڪار معطل


 آچر ۱٦ جولاءِ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۱۷۹   دادو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ارباب علي رستماڻي  : دادو: دادو شهر جي سورج آباد پاڙي جو رهواسي زنجيرن ۾ جڪڙيل ۸ سالا نينگر نثار ڏاوڇ پوليس اهلڪار پيءُ شبير ڏاوڇ جي تشدد سبب ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهتو، جڏهن ته اي سيڪشن پوليس بنا ڪنهن ڪارروائي جي نينگر کي سندس پوليس اهلڪار پيءُ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. زنجيرن ۾ جڪڙي تشدد جو نشانو بڻايل نينگر نثار ڏاوڇ اي سيڪشن ٿاڻي تي پيءُ خلاف دانهيندي چيو آهي ته سندس والد گهر جي الماري جي چاٻي گم ٿيڻ تي تشدد ڪري زنجيرن ۾ جڪڙي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو ۽ چيو ته چاٻي هن چوري ڪئي آهي. نينگر چيو ته سندس پيءُ جون ٻه شاديون ٿيل آهن، سندس امڙ ڳوٺ ۾ رهندي آهي. هن روئيندي خوف وچان چيو ته مان گهر نه ويندس، والد ماري ڇڏيندو، ٿاڻي تان پوليس اهلڪار پيءُ زنجيرن سميت پٽي ڀائي اهلڪارن کان پٽ کي ڇڏائي ٿاڻي تان زبردستي ڌڪا ڏيندو پاڻ سان گڏ وٺي ويو، جڏهن ته نينگر پيءُ سان وڃڻ لاءِ تيار نه هو، هوڏانهن ايس ايس پي شبير سيٺار پوليس اهلڪار پاران پٽ کي زنجيرن ۾ جڪڙڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي اهلڪار شبير ڏاوڇ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ۰۰۱