پشاور ۾ ڌماڪو، هڪ ڄڻو شهيد، ۷ زخمي


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۰   پشاور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پشاور: پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو شهيد ۽ ۷ زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ مطابق حيات آباد ۾ باغ ناران جي ڀرسان سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي جي ويجهو زوردار ڌماڪو ٻڌو ويو آهي جنهن کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ امدادي ٽيمن کي واقعي واري هنڌ روانو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو ٿڏي تي ئي شهيد ۽ ۷ زخمي ٿي يپا جن کي حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس منتقتل ڪيو ويو آهي. ڌماڪو آپگهاتي لڳي رهيو آهي پر ان بابت اڃا حتمي طور تي ڪجهه نٿو چئي سگهجي.