پشاور ۾ ايف سي جي گاڏي تي آپگهاتي حملو، ۲ اهلڪار شهيد


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ٦۹   پشاور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پشاور: پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ فرنٽيئر ڪور جي گاڏي تي آپگهاتي حملي ۾ ۲ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. ذريعن مطابق آپگهاتي حملو ان وقت ٿيو جڏهن ايف سي جي گاڏي حيات آباد جي باغ ناران وٽان گذري رهي هئي. ايس پي ڪينٽ عمران ملڪ مطابق ڌماڪي ۾ ۲ اهلڪار شهيد ۽ ۴ زخمي ٿيا آهن. امدادي ٽيمن موقعي تي پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ تي پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ اهي اطلاع هئا ته حيات آباد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو شهيد ۽ ۷ زخمي ٿيا آهن.