قوم نواز شريف جي اڳواڻي ۾ فيصلائتي جنگ وڙهندي: رانا ثناءُ الله


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۴۱   فيصل آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : فيصل آباد: پنجاب جي قانون واري وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته قوم نواز شريف جي قيادت ۾ فيصلائتي جنگ وڙهندي. پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر پاڪستان مخالف سازشون ٿي رهيون آهن. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ن ليگ جي حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيا آهن. ۲۰ سال اڳ دنيا چئي رهي هئي ته پاڪستان ايشين ٽائيگر بڻجي رهيو آهي پر ۱۲ آڪٽوبر اسان جو رستو روڪي ورتو، اڄ ترقي روڪڻ لاءِ ۱۷ جولاءِ جي چونڊ ڪئي وئي آهي، اسان سمورن ادارن جو احترام ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ جي معزز ججن کي درخواست آهي ته مفروضن تي ٻڌل جي آءِ ٽي رپورٽ ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي وڃي، قوم نواز شريف سان گڏ آهي.