چمن ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ ڀرسان ڌماڪو، هڪ اهلڪار شهيد


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ٦٦   چمن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : چمن: چمن ۾ پاڪ افغان سرحدي علائقي ڪلي باچا ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو آهي. رپورٽ مطابق چمن جي سرحدي علائقي ڪلي باچا ۾ اڻڄاتل دهشتگردن ايف سي چيڪ پوسٽ کي نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويا، ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مواد چيڪ پوسٽ جي ويجهو نصب ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد جوانن کي نشانو بڻائڻ هو. ڌماڪي کانپوءِ ايف سي علائقي کي گهيري ۾ آڻي دهشتگردن جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي آهي.