شهباز شريف جي نااهلي لاءِ داخل درخواست شنوائي لاءِ منظور


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۵۱   لاھور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي نااهلي لاءِ داخل درخواست شروعاتي شنوائي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي. رپورٽ مطابق شهباز شريف جي نااهلي جي درخواست تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان طرفان داخل ڪئي وئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس درخواست ابتدائي شنوائي لاءِ مقرر ڪندي معاملو جسٽس شاهد ڪريم کي اماڻي ڇڏيو. جسٽس شاهد ڪريم سڀاڻي کان درخواست جي باقاعده شنوائي ڪندو. نااهلي جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف نواز شريف کي ٦ ارب رپين جا تحفا ڏنا آهن پر اهو نه ٻڌايو آهي ته هن ايتري وڏي رقم ڪهڙن ذريعن مان حاصل ڪئي ۽ ڪو مني ٽريل به پيش ناهي ڪيو. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شريف خاندان جا اثاثا جي آءِ ٽي رپورٽ مطابق آمدني سان هڪجهڙائي نٿا رکن، ان ڪري شهباز شريف کي وڏ وزارت تان هٽائي نااهل قرار ڏنو وڃي.