سام سنگ گليڪسي ”نوٽ ۸“آگسٽ ۾ متعارف ڪرائڻ جو امڪان


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۴۲   نيويارڪ   پرنٽ ڪيو
سام سنگ گليڪسي نوٽ ۸

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : نيويارڪ: سام سنگ جي نئين فليگ شپ فون گليڪسي نوٽ ۸ ۲۳ آگسٽ تي متعارف ڪرائي سگهجي ٿي اهڙي دعويٰ ڏکڻ ڪوريا جي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ سامهون آئي آهي هي نئين ڊيوائيس پراڻي ماڊل جي مقابلي ۾ اڳ کان وڌيڪ بهتر فيچرز سان سلهاڙيل هوندي جنهن ۾ بيزليس اموليڊ انفنٽي ڊسپلي، ڊوئل لينس ڪيمرا ۽ وڏي اسڪرين ذڪر جي قابل آهي، اهڙي طرح اسنيپ ڊراگون ۸۳۵ پراسيسر هن فون کي ايس ايٽ جيترو طاقتور بڻائيندو جڏهن ته ايس پين به به هن ڀيري گهڻن فيچرز سان گڏ هوندو. امڪاني طور تي ٦.۴ انچ جي هن فون جي ڊسپلي لاءِ هوم بٽن کي ختم ڪيو ويو آهي، هن فون سان گڏ ٦ جي بيريم ۽ ۳۳۰۰ ايم اي ايڇ بيٽري هوندي ۽ سام سنگ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته گليسي نوٽ سيون وانگر بيٽريون ڦاٽي نه سگهن.